اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سارڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي ڪوڙن دعوائن ۽ تڪراري ريم??رڪ?? کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سارڪ عمل ۾ ڀارت رڪاوٽ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي متعصباڻي روين ۽ چارٽر جي شقن جون خلاف ورزيون ڪندي ڀارت 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي روڪڻ جو ذميوار آهي.
ترجمان چيو ته ??ارت جو جانبداراڻو رويو علائقائي تعاون لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم کي تيزي سان غير فعال ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ??ارت پنهنجي خود غرضاڻي طرز عمل تي نظرثاني ڪندو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سارڪ عمل کي اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي راهه ۾ ايندڙ هٿرادو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته پاڪستان ايندڙ سارڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ??ارتي عملدارن پاران ڪو به مبهم ۽ غلط بياني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي لڪائي نٿو سگهي.
ترجمان چيو ته ??شميري عوام جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران جاري ڪيل ٻن ڪشمير رپورٽن سميت عالمي انساني حقن جي مشينري وڏي پئماني تي دستاويزي شڪل ڏني آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪشميري عوام ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي باري ۾ ڪيترائي ڊوزيئرز فراهم ڪيا آهن. ترجمان چيو ته ??ارت کي رياستي دهشتگردي کي پاليسي طور استعمال ت??ڪ ڪرڻو پوندو. پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ان جي امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ??ارت کي ڪشميرين جي منصفاڻي، جائز ۽ مقامي جدوجهد جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ڀارت ڪشميري عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي کين گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو رد نه ڪرڻ جوڳو حق خود اراديت ڏي.