اسلام آباد ?? 16 ??سمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ پوري قوم اي پي ايس سانح?? جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آهي، ان سانحي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ايس پي ايس سانح?? جي شهيدن جي ستين ورسي تي ??نهنجي پيغام ۾ فرخ حبيب چيو ته حڪومت سميت پوري قوم ايس پي ايس شهيدن جي پوئينرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اي پي ايس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو وي??دو. مملڪتي ??زير چيو ته اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگرد?? جي خلاف قربانيون ڏنيون. مملڪتي ??زير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسند?? جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي ??خر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آهي.