فيصل آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت عوام کي معياري ۽ سستي ضرورت جي شين جي فراهمي جي لاءِ هڪ سال ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريش?? کي 24 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي جڏهن ته 1 ڪروڙ 24 لک مستحق خاندان?? کي سستي ضرورت جي شين جي فراهمي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي عمل جي شروعات ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 5 لک رپين جي بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جا معيشت تي مثبت اثر پوندا. عثمان گارڊن احمد آباد فيصل آباد ۾ يوٽيلٽي اسٽور جي افتتاح جي سلسلي ۾ منعقد تق??يب کي خطاب ۾ هن چيو ته اسان جو علائقو ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ پٺتي پيل آهي ۽ هتي محدود وسيلن وارا ماڻهو رهن ٿا تنهن ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته هتان جي ماڻه?? کي سمورو ممڪن ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته هتي نئين يوٽيلٽي اسٽور جو قيام انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته ان کان اڳ بئنڪون وڏين وڏين پارٽين، ملز، فيڪٽرين ۽ صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻه?? کي ئي قرض ڏينديون هيون پر وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بئنڪ?? کي راضي ڪيو آهي ته اهي عام ماڻهن ۽ بي وسيلن وارن ن??جو??ن?? کي پڻ قرض فراهم ڪن. هن چيو ته حڪومت کي عوام جي مسئلن جي چڱي ريت خبر آهي انهي لاءِ سمورن شهري?? کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۽ انشاءَ الله هلندڙ سال ڊسمبر جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندا?? کي صحت سهولت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن سان اهي ساليانو 10 لک رپين تائين پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاين جو پسند جي ڊاڪٽر کان پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. فرخ حبيب چيو ته اهو ئي مديني جي رياست جو تصور آهي جنهن جي ڳالهه وزيراعظم عمران خان ڪندو آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن ذاتي مفاد جي لاءِ ڪميشن جي چڪرن ۾ بجلي جا مهانگا ڪارخانا لڳرايا پر ٽرانسميشن سسٽم ۾ بهتري جي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو اهڙي طرح هاڻي اسان بجلي استعمال ڪريون يا نه ڪريون اسا?? کي هر سال 1500 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن پر ان جي ابتڙ وزيراعظم عمران خان عوام جو احساس ڪندي سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ شمسي توانائي ۽ هائيڊل بجلي جا منصوبا شروع ڪيا جڏهن ته ان سلسلي ۾ 10 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن جن جي مڪمل ٿيڻ سان جتي 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي پيدا ٿيندي اتي هڪ ڪروڙ 30 لک ايڪڙ زمي?? کي سيراب ڪرڻ جي لاءِ پاڻي پڻ ذخيرو ڪري سگهبو. اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ڪامياب جوان پروگرام م??جو??ه حڪومت جو اهم ڪارنامو آهي ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ تمام وڏي انگ ۾ اهڙا ن??جو??ن م??جو?? آهن جن وٽ هنر، صلاحيت ۽ بهترين ڪاروباري آئيڊياز ته هئا پر سرمايو نه هو تنهن ڪري حڪومت انه?? کي قرضن جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪيو ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري نوڪرين جي لاءِ ڌڪا کائڻ بدران پاڻ ٻي?? کي نوڪريون فراهم ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته شريفن رڳو پنهنجا اثاثا ٺاهيا پر ملڪ کي ڪنگال ۽ مقروض ڪري ڇڏيو پر جڏهن انهن کان انهن جي اثاثن ۽ ايتري وڏي دولت اچڻ جو سورس پڇيو وڃي ٿو ته اهي ڪو جواب ڏيڻ بدران گارين ۽ ڌمڪين تي لهي اچن ٿا ۽ ادار?? کي بدنام ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته عمران خان عوام جي لاءِ سادي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ هن شريفن ۽ زردارين جي ابتڙ ڪروڙين رپين جي سرڪاري خرچ سان ڪئمپ آفيسون ناهن ٺاهيون ۽ هو ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ٻاهرئين دورن ۾ پاڪستان جي وقار ۽ برابري جي ڳالهه ڪئي آهي، هو پرچي?? کي ڏسي ۽ ڪنڌ جهڪائي ڊڄ?? ڊڄ?? ڳالهه ڪرڻ بدران ڪنڌ کڻي ۽ اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهه ڪري ٿو. مهانگائي جي حوالي سان هن چيو ته عالمي سطح تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافي ۽ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري پروڊڪشن ۾ گهٽتائي جي ڪري سڄي دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر پوءِ به اسان عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسحاق ڊار پيٽرول تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي وٺي رهيو هو جنه?? کي اسان 5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو اهڙي طرح پيٽروليم ليوي ۾ به گهٽتائي ڪئي ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي. فرخ حبيب چيو ته سندس تڪ ۾ 42 يونين ڪائونسلز آهن ۽ انهن سمورين يوسيز ۾ شهري?? کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽس هنيا پيا وڃن جنهن سان گڏوگڏ رستن جي تعمير، ڊسپينسريز جي مرمت ۽ توسيع، پارڪس قائم ڪرڻ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي پڻ يقيني بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته 70 سالن جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو ۽ حڪومت عوام جي سهولت لاءِ جن منصوبن جي شروعات ڪئي آهي انهن جا مستقبل ۾ شاندار نتيجا حاصل ٿيندا ۽ شهري انهن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهندا. ان موقعي تي هن يوٽيلٽي اسٽور جو افتتاح ڪيو ۽ اتي دستياب شين جو جائزو ورتو. افتتاحي تق??يب جي موقعي تي علائقي جي رهواسين ۽ معززين جو وڏو انگ پڻ م??جو?? هو.