اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس ميچل ٽيليفون ڪيو ۽ ساڻس ??فعانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم افغنستان سان سفا??تي ۽ عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ سهولت ??را??م ڪرڻ تي پاڪستان جي مثبت ??رد??ر کي اجاگر ڪيو. يورپي ڪائونسل جي صدر نڪ??ڻ لاءِ لنگهه جي ??را??مي ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظم پاڪستان جي موقف جي وضاحت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سڀني ماڻهن جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ جامع سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي، وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ ان مقصد کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ، امن کي برقرار رکڻ، انساني همدردي جي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ افغان عوام جي معاشي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي ضرورت آهي. افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي چئلينجن کان بچڻ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ اڻٽر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي حصيدارن سان ويجهي رابطي ۾ رهندو ته جيئن افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏئي سگهجي جنهن سان خطو ۽ ان کان ٻاهر جو علائقو مستفيد ٿيندو. وزيراعظم ۽ يورپي ڪائونسل جي صدر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڌريون رابطي ۾ رهن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ويجها رابطا رکن، وزيراعظم عمران خان يورپي ڪائونسل جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.