اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ک?? ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين ک?? ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائد?? کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي، نادرا چ??ئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي دوران چيو ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين ک?? ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين ک?? ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائد?? کڻي سگهجي ٿو. نادرا چ??ئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نا??را گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نا??را اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نا??را کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نا??را جي ڪوششن ک?? به ساراهيو ويو.