اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ سميت پي ٽي آءِ جي هر منصوبي جي آغاز تي (ن) ليگي ترجمانن جي دعوائن کي ڏسي اهو ممڪن آهي ته اهي سڀاڻي ان طرح جي دعويٰ به شر??ع ڪندا ته بلب جي ايجاد به ٿامس اي??يسن نه پر نواز شر??ف جاتي عمرا ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ويهي ڪئي هئي جنهن جي ڪري ??ندس پليٽيليٽس به گهٽجي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سينيما ۾ پهريون پروجيڪٽيڊ فلم جو سهرو به شهباز شر??ف جي سر آهي، جنهن ”چيلهه ۾ تڪليف“ جي باوجود اهو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. شر??ف ڀائرن جنهن ”شرافت“ سان ملڪي خزاني تي هٿ صاف ڪيا، ادارن ??ي درٻاري ??ڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پارليامينٽ کي مغليه رنگ ڏنو، انهن سان اهو ئي ڪجهه منسوب ٿي سگهي ٿو