اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي مجموعي طور 32 سيڪڙو، مسلم ليگ (ن) 56 سيڪڙو جڏهن ته موجوده حڪ??مت ٽن سالن ۾ 21 سيڪڙ?? قرض ورتو، حڪ??مت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهي. موجوده حڪ??مت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ مان قرضن تي وياج جي ادائيگي ڪڍون ته حڪ??مت جو پرائمري بيلنس سرپلس ۾ آهي، يعني بجيٽ موجب حڪ??متي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بلين ڊالر هئ?? جيڪي 2013ع تائين وڌي ڪ??ي 60.09 ملين ڊالر هئ??، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بلين ڊالر هئ??، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو، موجوده حڪ??مت مارچ 2021ع تائين مجموعي قرضن جو 21 سيڪڙ?? قرض ورتو، موجوده حڪ??مت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڀئي ڪ??ميابيون وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪ??ي حاصل ٿيون آهن.