اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نبي ڪريم صه جي ناموس ۾ گستاخي روڪڻ جي لاءِ مون مسلمان دنيا جي سربراهن سان گڏجي اهو معاملو عالمي سطح تي اٿار??و، ٽوڙ ڦوڙ سان غيرن جو ڪجهه نه ٿو بگڙي پر اسان پنهنجو ئي نقصان ڪري رهيا آهيون، پاڪستاني قوم پنهنجي دين ۽ نبي صه سان سڀ کان وڌيڪ پيار ڪندڙ قوم آهي پر مذهبي پارٽيون ڪجهه وقتن تي ان جذبي جو جهڙي طرح غلط استعمال ڪن ٿيون ان تي افسوس آهي، مارگلا هاءِ وي ۽ رنگ روڊ جي تعمير سان ٽريڪ جو مسئلو ح?? ٿيندو، موجوده حڪو??ت وڻڪاري ۽ ماحوليات تي ڌيان ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مارگلا هاءِ وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو.