اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته عمران خان جو سدا??ين کان موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ا??ين نه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته و??يراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??ڪو??تي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته ماضي جي ??ڪو??تن سياست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آهي ته پئسي جي سياست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام تا??ين مڪمل ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته مريم نواز مڃي ورتو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مريم نواز ٻاهر??ين ملڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن چيو ته مريم نواز اهڙي قسم جي بيانن سان ٻاهر??ين ملڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، ??ڪو??ت پاران مريم نواز کي ٻاهر??ين ملڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.