اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم لکين جلسا ??ري احتساب جي عمل تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، لاهور ۾ پي ڊي ايم جو شو فلاپ رهيو، انهن جي جلسي کي عوام رد ??ري ڇڏيو، مخالف ڌر پارٽيون حڪومت کان استعيفيٰ وٺڻ آيون هيون ۽ هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ تي اچي ويون آهن، مخالف ڌر کي چوري جو حساب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.