اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ اسان سڀني تي لازمي آهي، اسان جي ٿورڙي ڌيان سان انهن جي زندگين کي خوشين سان ڀري سگهن ٿا. پارليامينٽ کي خصوصي ماڻهن جي مسئل?? جو ادراڪ آهي انهي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارل??ام??ني ڪميٽي جوڙي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، تعليم ۽ تربيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.