اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد خان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي جاري ڪيل هڪ پريس ??ليز موجب وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاس??نٽ?? جو دورو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس ??و 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا س??نٽ??(اين ڊي سي) جي قيام کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته حڪومت ??رفان شروع ڪيل احساس پروگرام پوئتي پيل عوام جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائين شروع ڪيل سڀ کان وڌو پروگرام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جي مستحق ??هر??ن جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل سوشل ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت ??رفان شروع ڪيل پروگرام کي موثر بڻايو آهي.