اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن ۽ حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا جي پکيڙ کي ??وڪ??و ويو آهي، خطرو اڃان موجود آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم جو تعاون گهربل آهي، محر?? الحرام ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آ??ي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ تباهي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي، اسڪولن ۾ تعليمي سرگرمين جي بحالي جي حوالي سان صوبائي حڪومتون اسڪولن جي انتظاميه ?? ٻين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??وو?? -19 بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.