اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي ??ذبن جي ??رجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي ??ٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پاڪستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگس?? جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي ??اقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي ??دوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي ??ٿارينداسين، جيستائين زندهه آهيان پاڪستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ??اهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جي ??مورن سياستدانن نئين نقشي جي ??ائيد ڪئي.