اسلام ??باد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ سندن مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده ع??يل?? رباب ڪاظمي ان موقعي تي خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪٽيو. ان موقعي تي اداري جا سينئر آفيسر قمر الله چوڌري، شفيق قريشي?? عبدالجبار ذڪريا، محمد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، اداري جي ٻين جرنلسٽ ۽ نان جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي ??عداد شرڪت ڪري مذهبي هم آهنگي جو عملي مظاهرو ڪيو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ هر سال پنهنجي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ ان تقريب جو انعقاد ڪ??و ويندو آهي، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده ع??يل?? رباب ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏني ۽ مسيحي ورڪرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو، مسيحي ملازمن پاران به ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.