ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علو?? وفاقي اردو يونيورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ??ميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وار?? وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيور??ٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيور??ٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيور??ٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صد?? جي ميڊيا ونگ موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيور??ٽي جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي مقرري ۽ يونيور??ٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يونيور??ٽي جو وقتي وائيس چانس??ر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چانسلر جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانس??ر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ??ميشن ??انهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يونيور??ٽي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.