ڪالام – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياح?? کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري تي پهتو، تنهن اتي مو??ود سياحن سان ملاقات به ڪئي. انه?? کي ملندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سياحن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به مو??ود آهن، انه?? کي انهن جي گهرن تائين پهچائين??اس??ن، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر انه?? کي ڪڍي رهيا آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياح?? کي ڪڍي وٺن??اس??ن، وزيراعظم جرمني مان آيل سياح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تائين سياح اڃا مو??ود آهن ج?? کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رستن جي بحالي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو شريف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته رست?? کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل سياح?? کي فوري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سياح?? کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.