سرينگر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران 2019ع ?? ان ڏينهن کڻندڙ غيرقانوني قدمن جي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مودي حڪومت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عال??ي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري قبضي واري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪري ورتو هو. اڄ هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جڏهن ته آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي گادي وارن شهرن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ڇڪرائڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرا، ريليون، س??مينارز ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا پيا وڃن. ٻئ?? طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي گهر ۾ غيرقانوني نظربندي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن، قابض انتظاميا مودي حڪومت پاران ڀارتي ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرائڻ کان هڪ ڏينهن 4 آگسٽ 2019ع تي ان کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو.