اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد ش??با?? شريف گڏيل قومن جي امن سپاهه جي عالمي ڏينهن تي پاڪستاني امن دستن جي ڪوششن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آه?? ته عالمي امن جو فخر جوڳو فرض نڀائيندڙ گڏيل قومن جي امن دستن کي سلام پيش ڪريون ٿا، گڏيل قومن جي امن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 لک دستا فراهم ڪرڻ پاڪستان جي امن دوستي ۽ امن پسندي جو اظهار آه??. گڏيل قومن جي امن سپاهه جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم م??مد ش??با?? شريف چيو ته پاڪستاني امن سپاهه جي قربانين ۽ ڪوششن جو موجوده سيڪريٽري جنرل سميت گڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي سطح تي اعتراف اعزاز آه??، 1960ع کان 2022ع تائين پاڪستاني امن دستن ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن قابل فخر ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آه??. هن چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، انساني خدمت ۽ مثالي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته امن ڪاررواين جي دوران پاڪستان جي 169 فزندن شهادت جو عظيم م??تبو ماڻيو، اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي طرز عمل ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ مثالي ڪارڪردگي جو اعتراف فخر جوڳو آه??، امن ڪاررواين جي لاءِ هٿياربند فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.