اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ ج?? نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ ج?? لاءِ هنگامي قدم کڻڻ ج?? هدايت ڪئي. هن واقعي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن ج?? تعين ڪرڻ ج?? پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏا بر?? سينٽرز منتقل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چار زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.