اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن ڪئمپ پاليٽسڪ جو حصو نه بڻجندو، ا??ان معاشي ۽ انساني طور تي گروپ سياست جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين، روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان جا يورپي يونين، آمريڪا سميت دنيا جي س??ورين طاقتن ??ان بهترين لاڳاپا آهن، علائقائي رابطن جي لاءِ روس جي خصوصي اهميت آهي، وزيراعظم مناسب وقت ۽ جڳهه تي يوڪرين جي حوالي ??ان ڳالهه ڪئي، روس يوڪرين تڪرار سفارتي ڪوششن ??ان حل ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان جي روسي قيادت ??ان ملاقاتن ۾ پاڪ روس ڊگهي مدي واري گهڻ رخي لاڳاپن جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ڳالهه ٻو??هه ٿي، پاڪستان روس ??ان ڊگهي مدي واري بنيادن تي گئس حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. پرڏيهي وزارت ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري جي حوالي ??ان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ماسڪو ۾ پاڪ روس قيادت جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي روسي صدر ??ان ساڍا ٽن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي معاملن خاص طور تي افغانستان جي صورتحال ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي بابت معاملا بحث هيٺ آيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس ٻئي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهن. وزيراعظم عمران خان روس جي صدر کي خاص طور تي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. روسي صدر ??ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ ايل اين جي س??يت ڪيترن ئي منصوبن تي ڳالهه ٻو??هه ڪئي وئي جڏهن ته وڌيڪ ڌيان نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين جيڪو پاڪستان جو اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبو سڏرائي ٿو، تي رهيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي ??ان پڻ روس جي صدر کي آگاهه ڪيو، روس جي نائب وزيراعظم ۽ توانائي واري وزير ??ان ملاقاتن ۾ پڻ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون وڌائڻ کانسواءِ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻو??هه ڪئي وئي. ان کانسواءِ روس کان گئس جي خريداري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ملڪي ضرورتن لاءِ گئس جي ضرورت آهي ۽ ا??ان روس ??ان ڊگهي مدي وارن بنيادن تي گئس جي خريداري حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکون ٿا. پرڏيهي وزي چيو ته روس گوادر ۾ ايل اين جي ٽرمينل ۾ پڻ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ۽ مون پاڪستان ۽ روس جي بزنس ڪميونٽي جي فورم ??ان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ ۽ تعاون وڌائڻ ۽ واپار جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ بئنڪنگ جي حوالي ??ان مشڪلاتن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪارائتي رهي. روس جي س??ڙپڪارن مارچ جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شموليت ۾ پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ماسڪو ۾ مسجد جو پڻ دورو ڪيو اتان جون سهولتون ڏسڻ وٽان آهن. مفتي اعظم ??ان ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته روس فيڊريشن ۾ اٽڪل 25 ملين مسلمان رهن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي روسي قيادت ??ان ملاقات ۾ افغان صورتحال جي حوالي ??ان پڻ ڳالهه ٻو??هه ٿي، افغان مسئلي تي روس ۽ پاڪستان جي س??چ ۾ هم آهنگي آهي. روسي قيادت کي ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ انساني الميي ۽ معاشي بحران جا اثر نه رڳو افغانستان پر خطي تي به پوندا. پرڏيهي وزير چيو ته افغان مسئلي تي 30 ۽ 31 مارچ تي بيجنگ ۾ ويهڪ ٿيندي جنهن ۾ روس سميت افغانستان جي ويجهن پاڙيسري ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس عالمي خاص طور تي ايس سي او فورمن تي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته روسي قيادت ??ان ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي عدم توازن، امن امان ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي حوالي ??ان پڻ ڳالهه ٻو??هه ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم يوڪرين جي حوالي ??ان پاڪستان جو موقف مناسب وقت ۽ مناسب جڳهه تي پيش ڪيو. هن چيو ته يوڪرين جي صورتحال رات وچ ۾ جنم ناهي ورتو، ان جي ڊگهي تاريخ آهي. پاڪستان جي پهرين ڏينهن کان اها خواهش رهي آهي ته اهو تڪرار سفارتڪاري جي ذريعي حل ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ نقصان اسرندڙ ملڪن جو ئي ٿئي ٿو. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون هن وقت 100 ڊالر کان مٿي ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمتن تي پڻ اثر پوندو. هن چيو ته سفارتڪاري جا امڪان اڃا به موجود آهن ۽ معاملن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو، تڪرارن ۽ جنگين ??ان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم جي روس جي دوري کان اڳ ا??ان وزيراعظم هائوس ۾ مشاورتي اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ اڳوڻن سفارتڪارن سميت پرڏيهي وزارت جي س??نيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي ۽ روس يوڪرين تڪرار جي پس منظر ۾ دوري جو جائزو ورتو ويو. مشاورت کانپوءِ ان نتيجي تي پهتاسين ته روس ??ان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو موقعو هٿ مان وڃائڻ نه گهرجي ۽ ا??ان جو فيصلو صحيح هو، ا??ان جي ڊپلوميسي اسپيس ۾ اضافو ٿيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊائيلاگ ۽ ڊپلوميسي جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ا??ان فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن گروپ جي س??است جو حصو نه بڻجندو. پاڪستان معاشي ۽ انساني طور تي ڪئمپ پاليٽيڪس جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، ا??ان پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکنداسين. ا??ان جا يورپي يونين آمريڪا سميت دنيا جي س??ورين طاقتن ??ان بهترين لاڳاپا آهن. علائقائي رابطن جي لاءِ روس جي خصوصي اهميت آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته روس جي دوري کان اڳ آمريڪي رابطا هئا، انهن ”معصومانه“ سوال ڪيو ۽ ا??ان ”مودبانه“ جواب ڏنو. وزيراعظم دوري ??ان انتهائي مطمئن هو ڇو ته ان جا يورپ ۾ نه ته محلات هئا ۽ نه بئنڪ اڪائونٽس، هو پاڪستان جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻ ويو هو. ا??ان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ جدت آهي، قوم کي ان ڳالهه تي اطمينان هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جا يوڪرين ??ان سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن. پاڪستان يوڪرين کي وڏي اهميت ڏي ٿو. روس ??ان ا??ان جا فوجي لاڳاپا بهتري طرف وڃي رهيا آهن. يوڪرين ۾ پاڪستاني شهرين ۽ شاگردن جي حوالي ??ان پرڏيهي وزير چيو ته اتي س??ورا شاگرد محفوظ آهن، اتي پاڪستاني شاگردن جي مارجڻ جي حوالي ??ان خبر ۾ ڪا صداقت نه آهي. هن چيو ته منهنجي پاڪستاني س??ير ??ان تفصيلي ڳالهه ٻو??هه ٿي ۽ کيس پاڪستانين جي تحفظ جي هدايت ڏني آهي. پاڪستانين جو تحفظ ا??ان جي اولين ترجيح آهي، ا??ان ڪيف مان سفارتخاني کي عارضي طور تي پولينڊ جي سرحد ويجهو يوڪريني شهر ترنول منتقل ڪيو آهي ته جيئن پاڪستاني شهرين کي آساني ??ان پولينڊ منتقل ڪري سگهجي. ملڪي س??است جي حوالي ??ان هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر جي ملاقاتن جو ا??ان تي ڪو اثر نه پوندو. اڄ ڇنڇر ڏينهن سنڌ حقوق مارچ جي لاءِ گهوٽڪي پهچي رهيو آهيان، بلاول ۽ شهباز شريف تيار ٿي وڃن، بلاول ڀٽو کي هر ڳالهه جو تفصيلي جواب لاڙڪاڻي ۾ ملندو.