اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شوڪت تر??ن وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو، 145 جي ايوان ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، اي اين پي ??ي شوڪت اميرزاده ۽ جمعيت علماءُ اسلام جي اميدوار ظاهر شاهه 13، 13 ووٽ حاصل ??يا 9 ووٽ رد ڪيا ويا تحريڪ انصاف ايوب آفريدي جي سينيٽ جي سيٽ تان مستعفي ٿيڻ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو جڏهن ت?? اي اين پي ??و شوڪت اميرزاده، پي پي ??و محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون مقابلي ۾ هئا، خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف سينيٽ ضمني اليڪشن ۾ ڪاميابي تي شوڪت ترين کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شوڪت تر??ن وڏي اڪثريت سان کٽڻ عمران خان جي پاليسين جي فتح آهي، وڏي وز??ر محمود خان جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت هر مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ??ئي، شوڪت ترين ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.