اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته رياضي منطق جو بنياد آهي، استاد ۽ والدين سائنس ۽ رياضي جي مضمونن ۾ ٻارن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪن، پاڪستان ۾ سائنس ۽ رياضي تي گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ضروري آهي ته سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شعبن ?? خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي بابت تعليمي منصوبي (سٽيم) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
تقريب ۾ سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، خيبرپختونخوا جو صوبائي وزير شهرام ترڪئي، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر شاهد بيگ، سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وزارت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذير ۽ ٻيون شخصيتون به شريڪ هيون. صدر چيو ته سٽيم ايجوڪيشن هڪ وقت سر قدم آهي جنهن سان سماج کي منظم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي، مختلف ملڪن جي تعليمي ميدان ۾ ترقي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته چين جي ترقي جو هڪ سبب سائنس جا وڌ کان وڌ گريجوئيٽ آهن، جتي گريجوئيٽس جو تعداد 8 ڪروڙ جڏهن ته سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي گريجوئيٽس جو تعداد 47 لک آهي، هن چيو ته ترقي لاءِ ضروري آهي ته سٽيم تعليم تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم جي شعبي خاص طور تي سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? جيڪڏهن اسان سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي ۽ رياضي جي شعبن ?? ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين.
هن اسٽيم پراجيڪٽ جاري ڪرڻ تي سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته وفاقي وزير شبلي فراز، ۽ وفاقي وزير شفقت محمود ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي جي تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي معياري تعليم سان گڏوگڏ استادن جي تربيت جو بندوبست به ڪرڻو پوندو، صدر چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي جي نتيجي ۾ ٻيون قومون اڳتي نڪري ويون آهن، عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اگ??د کي سدائين هڪ استاد حوصلا افزائي ڪندو آهي، سٽيم منصوبي ۾ شامل مضمون منهنجي پسند جا آهن، جيتوڻيڪ آئون ڊاڪٽر بڻجي ويو آهيان پر آئون رياضي جو هڪ انتهائي لائق ??اگ??د هئس. سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وزارت ان پروگرام تحت 50 سرڪاري هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ميٽرڪ ۽ ايف ايس سي جي ??اگ??دن لاءِ سٽيم جي ميدان ۾ ٽريننگ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، سٽيم ڪلاسز ۾ ??اگ??دن جي چونڊ انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي ويندي، پروگرام تحت سٽيم تعليم ڏيڻ لاءِ ??اگ??دن لاءِ ٽريننگ ماڊيولز تيار ڪيا ويندا،منصبوبي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت پوري پاڪستان ۾ عمل ڪيو ويندو. تقريب ۾ چونڊ تعليمي ادارن ۽ ڪيڊٽ ڪاليجز جا سربراهه به شريڪ هيا.