اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم بورس جانس ماحوليات جي عالمي ڏينهن 2021ع جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ٽين بلين ٽري سونامي جهڙن منصوبن کي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته قدرتي ماحول جو تحفظ سڀني جي گڏي?? ذميداري آهي، هن چيو ته اڄ پوري دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا ??رپيش آهي، اها وبا ??راصل ان سلوڪ جو رد عمل آهي جيڪو انسانن قدرتي ماحول سان روا رکيو آهي، هن چيوته آلودگي ۽ غير معياري طرز عمل ماحوليات کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، موسمياتي تبديليون ان جو نتيجو آهن ۽ اڄ پوري دنيا انهن تبديلين جي منفي اثرن جي زد ۾ آهي.