اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير ع??ي امين گنڊاپور، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر ??هزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر ??هزاد وسيم ملاقات ڪ??ي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان تفصيلي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملاقات ڪ??ي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن ??ي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت جي جا??ي منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير ع??ي امين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ڪ??ي.