اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 65 فوتگيون ٿيون جنهن م??ن 23 فوتگيون وي??ٽي??يٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 724 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽي??يٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 44 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 38 سيڪڙو، صوابي ۾ 44 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 59 هزار 76 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 18 هزار 132، پنجاب ۾ 25 هزار 245، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 961، بلوچستان ۾ هڪ هزار 410، گلگت بلتستان ۾ 459، آزاد ڪشمير ۾ 1010 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 27 هزار 843 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽي??يٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وي??ٽي??يٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 517 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 60 هزار 268 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان م??اثر ماڻهن جو انگ 9 لک 8 هزار 576 آهي.