اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هلندڙ سال اپريل ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ۾ 57 سي??ڙو اضافي تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال 384 ارب رپين ج??ن اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته گذريل سال اپريل ۾ 240 ارب رپين ج?? ٽيڪس اوڳاڙي ٿي هئي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين 3780 ارب رپين ج??ن اوڳاڙيون ٿيون آهن ج??ڪي گذريل سال جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 14 سي??ڙو وڌيڪ آ??ن.