پشاور – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سوات ايڪسپريس وي تي ٽن سرنگهن جي تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير مح??ود خان ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به موجود هئا. وزيراعظم مڪمل ٿيل سرنگهن جو معائنو به ??يو. زلام ڪوٽ، مالاڪنڊ آمد تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير مح??ود خان ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڪمال اظفر وزيراعظم جو استقبال ڪيو، فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل وزيراعظ?? کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 80 ڪلوميٽر ڊگهي سوات ايڪسپريس وي تي 7 انٽرچينج قائم آهن، ايڪسپريس وي تي ٽي سرنگهون ڪڍيون ويون آهن جنهن جي ڊيگهه 1266، 271 ۽ 324 ميٽر آهي