اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ?? تي??ي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهو کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا، پنجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي ح??الي سان مليل درخواستن کي مروج قانو?? موجب جلد منظور ڪري ۽ تعميراتي شعبي بابت مسئلا فوري ح?? ڪيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سياسي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهرن جي تعمير لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.