مينگوره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان جا سڀئي وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي ??اڪ??تان جي فوج ۽ عدليه تي حملا ڪري نئين گيم شروع ڪري ڇڏي آهي، فوج کي ڀڙڪائي رهيا آهن ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻاهر ويهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻاهر ويٺل آهن، ڌيءَ هتي فوج جي خلاف ڳالهائي رهي آهي،عورت هجڻ جي ناطي احترام ڪريون ٿا ان لاءِ ڪجهه نه چئي رهيا آهيون، شريف ۽ زرداري کي اين ار او ڏئي ملڪ سان سڀ کان وڏو ظلم ڪيو ويو، قانون جي بالادستي قائم ڪري ??اڪ??تان کي رياست مدينه وانگر فلاحي رياست ٺاهيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي صحت ??ارڊ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي افتتا?? جي موقعي تي مينگوره ۾ عوا??ي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.