اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان بر??درن ناتن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، عب??الله عب??الله جي دؤري سان پاڪ افغان ٻه طرفن ناتن ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. دؤرو ٻه طرفي واپاري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) لاءِ ڳالهين ۽ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جو عمل جلد شروع ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق شاهه محمود قريشي ۽ افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪ??ر عبدالله عب??الله وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ٿي.