اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون پنهنجي عيد پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شهيدن، ڪورونا جي صورتحال ۾ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽر??، نرسز، ڪورونا جي مريضن، ڀ??رتي ظلم برداشت ڪندڙ ڪشميرين، ڀ??رت ۾ اسلامو فوبيا ??ان متاثر مسلمانن، فلسطينين ۽ مسلمان پناهگيرن جي نالي وقف ڪريان ٿو، سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته اهي سماجي فاصلي تي عمل ڪن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سمورن پاڪستانين بلڪه سمورن انسانن کي درخواست آهي ته اهي سماجي فاصلن تي عمل ڪن، ماسڪ پائين، پنهنجا هٿ ڌوئين ته جيئن اهي پ??ڻ ۽ پنهنجي پيارن ۽ دوستن کي ڪورونا ??ان محفوظ رکن.