اسلام آب??د ?? 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ هڪ ??ئي جي بنيادي قومي مفادن جي معاملن تي گڏيل تعاون جاري رکندا، هنن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي تمام گهڻين صلاحيتن کي مڪمل طور تي سمجهڻ ۽ انهن کي هڪ ??ضبوط ۽ متحرڪ ??اپاري ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو، ٻنهي مل??ن جي صدرن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ترڪي کي اسلام فوبيا سميت امت کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.