اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي هدايت تي ??هم سياسي ۽ قومي معاملن تي مشاورت جي لاءِ لنڊن ۾ پنهنجي قيام ۾ هڪ ڏينهن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم هاڻي اربع ڏينهن وطن واپس روانو ٿيندو. وزيراعظم شهباز شر??ف برطانيا جي ڪنگ چارلس ٽي جي تاج ??وشي جي رسم جي لاءِ برطانيا آيل هو.