اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ??اه?? محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي ڊگهي ??ني??د ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي چونڊيل سفير سردار مسعود خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪباد ڏني ۽ چي?? ته پاڪستان آمريڪا سان گڏوگڏ ٻطرفي وسيع ال??ني??د ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي گامزن آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڏياريو وڃي، ??اه?? محمود قريشي چي?? ته اميد آهي ته توهان جهڙا وسيع تجربي جا حامل ۽ مڃيل سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ان جي هدايتن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.