اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يچ بلوچستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان جي ع??ائ??ي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر سپوٽن جي جرئت ۽ بهادري کي پوري ق??م سلام پيش ڪري ٿي. شاهه محمود قريشي ??يو ته ملڪ جي تحفظ خاطر، شهادت ماڻيندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن دشمن عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي دم پٽينداسين. دهشتگردي جي خلاف پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ م??ائ?? بيٺل آهي. پرڏيهي وزير شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.