اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آم??يڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ هيري ريڊ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هيري ريڊ 82 سالن ج?? عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته سينيٽر هيري ريڊ جي موت تي تعزيت ڪرڻ چاهيان ٿو، هو پاڪستان جو تمام سٺو دو??ت هو. صدر ياد ڏياريو ته 2012ع ۾ جڏهن هو ۽ عمران خان افغانستان جي مسئلي تي پرامن حل جي ڪوشش جي سلسلي ۾ آم??يڪا جي دو??ي تي ويا ??ئا ته مرحوم سينيٽر وڏي شاندار انداز ۾ آم??يڪي سينيٽرز ۽ ڪانگريس ميمبرن سان سندن ملاقاتن جو اهتمام ڪيو هو.