اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ??يو ته ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن ??يو ته دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين ??يو ته اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن ??يو ته پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي ترقي سان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن ??يو ته دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ ??اء?? پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري.