اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ جي 70 ملين ??اڻهن کي ڪوويڊ ويڪسين جي گهٽ ۾ گ??ٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي. وفاقي وزير اسد عمر جيڪو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو انچارج به آهي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سال جي آخر تائين 70 ملين ??اڻهن کي ويڪسين ??ڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کان ٻه مهينا اڳ ئي حاصل ڪري ورتو. 2021ع جي لاءِ سال جي آخر جو هدف 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين ??ڳائڻ جو مقرر ڪيو ويو هو، اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ر??ي آهي ته 7 ڪروڙ (70 ملين) ماڻهن کي هاڻي گهٽ ۾ گ??ٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي ۽ 4 ڪروڙ (40 ملين) مڪمل طور تي ويڪسين ??ڳرائي چڪا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2 مهينا باقي آهن، اسان انشاءَ الله پنهنجي هدف کان اڳتي وڌنداسين.