اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انتظاميه ضروري شين جي مقرر ڪيل ريٽ لسٽ تي عملدرآمد يقيني بڻائي، آفيسر غريبن جي تڪليفن جو احساس ڪن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جي دوران صوبن جا چيف سيڪري??ري به موجود هئا. وزيراعظم کي پنجاب جي فوڊ واري سينئر صوبائي وزير پاران ٻڌايو ويو ته سندس هدايت موجب پنجاب حڪومت فلور ملز کي 7 جولاءِ 2020ع کان ڪڻڪ فراهم ڪري رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 36 لک ٽن ڪڻڪ 50 ارب روپيا سبسڊي سان جاري ڪئي وئي آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ تي 510 روپيا في مڻ جي حساب سان اضافي بار حڪومت برداشت ڪري رهي آهي ۽ اهو اضافي بار صارفين تي نه پيو وڌو وڃي، وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته موجوده خريداري جي نظام جو جائزو وٺي ۽ فوڊ کاتي جي ذريعي ٿيندڙ اضافي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي مقصد جي لا??ِ موثر ڪاروباري ماڊل تجويز ڪري، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وزيراعظم کي ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي قيام لاءِ صوبن جي موجوده ريگولي??ري ميڪينزم جي باري ۾ آگاهه ڪيو، خيبرپختونخوا جي چيف سيڪري??ري ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت کان??وء?? صوبي ۾ 65 آبادگار مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن، سڄي صوبي ۾ تعلقي جي سطح تي 13 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آهن جنهن جا لائسنس نيلام ٿيا، ان کانسواءِ ٻين جاين تي 23 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون، وزيراعظم کي پنجاب زرعي مارڪيٽنگ ريگولي??ري اٿارٽي ايڪٽ 2018ع جي موجوده شق ۽ ان کان??وء?? ٿيندڙ ترميمن جي باري ۾ ٻڌايو ويو.