اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفريقي ملڪ ??وا??ڊا سان ٻطرفي سياسي ۽ وزارتي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، حڪومت جي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ??وا??ڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عامر محمد خان سان ملاقات ۾ ڳالهائين??ي هن چيو ته پاڪستان ۽ ??وا??ڊا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي.