اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اخ??يار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ??لهايو پيو وڃي، ان ??وقعي تي اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين صدي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت هو، اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان ??اصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اخ??يار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي ب?? بهتر بڻائي سگهون ٿا.