اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي پهرين لهر ۾ وزيراعظم جي وقت سر ۽ دانشمنداڻي قدمن پاڪستان کي وڏي جاني نقصان کان بچائ?? ورتو، ڪورونا جي ٻي شديد ترين لهر ۾ مخالف ڌر جون سياسي سرگرميون ڪورونا ڦهلاءُ جو سبب ??ڻجي رهيون آهن، پاڪستان جي سما??ٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي دنيا ساراهي رهي آهي. هو ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ 23 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس بعنوان ”ڪوويڊ 19 ۾ پائيدار ترقي“ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري رهيو هو.