اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان فورٽسڪيو گروپ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ جي سربراهي ۾ آسٽري??ين وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا آفي?? مان جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان هڪ لبرل ۽ سيڙپڪار دوست پاليسي اختيار ڪئي آهي تنهن ڪري غير ملڪي سيڙپڪارن کي لبرل سيڙپڪاري جي ماحول مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي غير ملڪي سيڙپڪارن جي ??اء?? سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي ??اء?? هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪندي آهي.