اسلا?? آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي ام?? امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي ??قش?? پوري پاڪستاني قوم جي ام??گن جي ترجماني ڪري ٿو، پاڪستان خو??مختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ??شمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ ام?? امان جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليسين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي ام?? امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان جي نئين سياسي ??قش?? جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.