اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو ت??ليمي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، مدرسن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خاص طور تي مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي جديد عل?? جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مدرسن س??ن طئي ٿيل لائحه عمل تي عملدرآمد جي حوالي سان به ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪورونا جي صورتحال جي پيش نظر سمور?? تعلي?? جي صوبائي وزيرن جي مشاورت سا?? تعليمي ۽ تدريسي عمل جي ڏس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان س??ن گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي مالي مشڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي حوالي سان خدشن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان به حڪمت عملي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان اهي هدايتو?? تعليمي نظام ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحال جي ڏس ۾ تعلي?? جي حوالي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان منعقد جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.