اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست کي دهشتگردي جي خلاف جنگ جو شرعي ۽ آئيني حق حاصل آهي، طاقت جو استعمال رڳو رياست جو حق آهي، رياست پنهنجي عوام کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪندي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو، سڄي قوم ??دائين شهيدن جي قربانين جي مقروض رهندي، زبان، رنگ، نسل، عقيدي سميت ڪنهن به بنياد تي ڪنهن به گروهه يا فرد تي تشدد جي ڪاررواين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۾ شهيدن جي پونئيرن سا?? ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ شهيدن جا پونئير به موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم ??ي لاءِ ??ربانيون ڏيندڙ شهيدن کي سڄي قوم ??راج عقيدت پيش ڪري ٿي، شهيدن جي پونئيرن جي ڏک جو مداوو نه ٿو ڪري سگهجي. شهيد جو اجر اله تعاليٰ ئي ڏئي سگهي ٿو، سڄي قوم ??دائين شهيدن جي قربانين جي مقروض رهندي. نگران وزيراعظم چيو ته پوليس، سياستدانن، صحافين، سول سوسائٽي، شاگردن، پاڪستان جي فورس سميت معاشري جي هر شعبي سا?? تعلق رکندڙن ملڪ ۽ قوم ??ي لاءِ ??ربانيون ڏنيون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته طاقت جي استعمال جو حق رڳو رياست کي حاصل آهي، زبان، رنگ، نسل، عقيدي سميت ڪنهن به بنياد تي ڪنهن به گروهه يا فرد تي تشدد جي ڪاررواين جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. جيڪڏهن ڪو گروهه هٿيار ڦٽا ڪري معافي جي لاءِ رجوع ڪرڻ چاهي ٿو ته سڀ کان اڳ هو شهيدن جي پونئيرن کان معافي وٺي، جيڪڏهن هو مڪمل طور تي پنهنجي غلطي قبول ڪري ۽ بنا ڪنهن شرط جي پاڻ حوالي ڪري ته رياست فيصلو ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ائين نه آهي ته اسان 100 سا??ن تائين به وڙهڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ رياست اهڙن ماڻهن سا?? ڳالهه ٻولهه نه ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته رياست پنهنجي عوام کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪندي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو. تقريب ۾ شهيدن جي پونئيرن پنهنجي خيالن ۽ جذبن جو اظهار ڪندي حڪومت ۽ گهرو وزارت پاران شهيدن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ??دمن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خلاف پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ نگران وزيراعظم گهرو وزارت ۾ شهيدن جي يادگار تصويرن جي گيلري جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم شهيد صفوت ??يو?? جي تصوير کي ڀت تي هنيو. گيلري ۾ ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن جون تصويرون لڳايون ويون آهن. ان کان اڳ نگران وزيراعظم گهرو وزارت پهتو ته اسلام آباد پوليس جي دستي کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو.