اسلام آباد-14 آ??ٽو??ر (اي پي پي) قومي ا??ليتي ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي ا??) ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، ان سان نه صرف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو خطرو آهي پر عالمي سطح تي به وطن عزيز کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو. سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي ا??ليتون ايس سي ا?? ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهن ته ان ڪانفرنس ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. اقليتي ڪميشن جي ميمبر چيو ته هن وقت وطن عزيز جنهن نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ا?? ۾ سموري سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪي ت??قي لاءِ سوچڻ گهرجي. البرٽ ڊيوڊ چيو ته احتجاجي سياست سان قومي مفادن کي شديد نقصان ٿيندو ۽ وطن عزيز وڌيڪ نقصان برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ملڪ ۾ معاشي ت??قي آڻڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ ملڪ جي وسيع مفادن کي نظر ۾ رکندي ا??س سي ا?? ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ نمائندن جي پاڪستان آمد جي موقعي تي سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ ملي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو نظر اچڻ ضروري آهي.