اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ، پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي محفوظ ڪيل پنهنجو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپ??يم ڪورٽ پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو 12 جون 2024ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي چ??ف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ محفوظ ڪيل فيصلو سومر ڏينهن عدالت ۾ پڙهي ٻُڌايو ۽ چيو ته اهو 5 رڪني بينچ جو گڏيل فيصلو آهي، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس عقيل عباسي جو اضافي نوٽ به شامل آهي. چ??ف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي شامل هئا. سپ??يم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ گڏيل فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس عقيل عباسي فيصلي سان اتفاق ڪندي اضافي نوٽ پڻ لکيو. سپ??يم ڪورٽ 12 جون وارو ??جز ٽربيونل مقرري جو رجسٽرار هاءِ ڪورٽ جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو. سپ??يم ڪورٽ جي چ??ف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽڪراءُ جڏه?? آئيني ادارن وچ ۾ هجن ته محتاط رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، لاهور ڪورٽ جو فيصلو عدالتي حوالي سان ڪنهن فورم تي پيش نٿو ڪري سگهجي. جسٽس جمال خان مندوخيل پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو ته ايڪٽ جو سيڪشن 140 اليڪشن ڪميشن کي ??جز پينل طلب ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي، پارليامينٽ جي ان قانون ۾ سوچ واضح آهي جڏهن ته پارليامينٽ اليڪشن ڪميشن کي ??جز جو پينل گُهرڻ ۽ انهن مان چونڊ ڪرڻ جو اختيار ناهي ڏنو. اضافي نوٽ ۾ لکيو ته اليڪشن ڪميشن کي هر جج تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن هڪ ٽربيونل لاءِ هڪ ئي جج جي نالي جو مطالبو ڪري سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو ۽ ??جز آئيني عهديدار آهن، هر معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ججن کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي. جسٽس جمال خان مندوخيل اضافي نوٽ ۾ لِکيو ته هاءِ ڪورٽ جي چ??ف جسٽس ۽ ڪميشن جي مشاورت جو نتيجو اسان آڏو اتفاق جي صورت ۾ آيو. اميد آهي ته هاڻي اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جي جوڙجڪ لاءِ قدم کڻندي ۽ اميد آهي ته اليڪشن ٽربيونلز قانون جي ڏنل مهلت ۾ فيصلا ڪندا. سپ??يم ڪورٽ ڄاڻايل ڪيس جو لکت ۾ فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو11 صفحن تي مشتمل آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ جي شقن جي غلط تشريح ڪئي، اليڪشن ڪميشن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ آئين ۾ ترميم کان اڳ عدالتي فيصلن تي ڀاڙيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن موجب چ??ف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ چ??ف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ۽ چ??ف جسٽس وچ ۾ معاملو حل ٿي ويو، ڪيس جي فيصلي جي ضرورت ناهي.