اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم کي نشان پاڪستان عطا ڪيو. ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم کي ا??زاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ خصوصي تقريب ٿي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي ا??لامي معاملن جي حمايت ۽ پاڪستان جي بهترين دوست هجڻ جي ا??تراف ۾ نشان پاڪستان سان نوازيو. تقريب دوران ان ڳالهه کي ا??اگر ڪيو ويو ته ملائيشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو شيدائي آهي ۽ ان جي ڪم کي پنهنجي لاءِ تحريڪ جو ذريعو سمجهي ٿو. وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر ?? سدائين انسانيت جي مسئلن جي حل ۽ اسلامي قد??ن جو علمبردار ره??و آهي. سندس قيادت انصاف جي فروغ ۽ اسلامي دنيا کي درپيش عالمي مسئلن جي حل لاءِ گهري وابستگي سان عبارت آهي. هو خودمختياري جي تحريڪن جو حامي ره??و آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ظلم جي خلاف آواز اٿاريندو ره??و آهي. سندس جدوجهد اسلامو فوبيا جي خلاف ۽ بين ??لم??اهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ جاري آهي ته جيئن مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۽ احترام کي فروغ ڏئي سگهجي. ان تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي سربراهن، سفارتڪارن ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي ا??زاز ۾ هڪ سرڪاري آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.